شانهر وارا چٽ

شانهر وارا چٽ

شانهر وارا چٽ

شانهر وارا چٽ (ماڳ): تعلقي وارهه، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ شانهر نئن جي ڪنڌيءَ تي کير ٿر جي جابلو سلسلي ۾ قديم زماني جا اڪريل چٽ ملن ٿا. نئن شانهر نقشي تي ور وڪڙ ليڪ وانگر نظر ايندي جيڪا ڏاڙهياري جبل جي اوڀر ۾ ڪافي اندر آهي. اها نئن ’ڪڪريو‘ نالي ٽڪرين کان ٿيندي اونهاڙڪن وٽ نئن دلان سان ملي ٿي. نئن ‘شانهر’ ۾ ٻيون به ننڍيون وڏيون نئيون گڏجن ٿيون، جن ۾ نئن ڪيهر، نئن مکي، نئن راڌ، نئن سالاري ۽ نئن سگري کان سواءِ ٻيا ننڍا وڏا ڍورا ۽ ڍوريون کيس ڀرين ٿا. جنهنڪري هن نئن جو وهڪرو به نئن سيتا يا مزاراڻيءَ وانگر شاهي نئن بنجي وهي ٿو. شانهر نئن جي ’ڪونڊيءَ‘ وٽ، ان کان اڳتي ۽ پوئتي چٽن جو چڱو سلسلو موجود آهي. شانهر نئن وٽ به چٽن جو هڪ سلسلو موجود آهي.
شانهر وارا چٽ، شاهه گودڙيي کان انپراح ڳوٺ، ڳوٺ ساڪر ۽ ڳوٺ ڪڪريي جي ننڍن وڏن لڪن جي اڪرڻ کان پوءِ ڪن ڇپن تي قديم چٽ چڱي خاصي تعداد ۾ موجود آهن.
نامور محقق بدر ابڙي هنن چٽن لاءِ لکيو آهي ته: هتي ڪيترن ئي دورن جان چٽ ملن ٿا، جن کي الڳ الڳ دورن ۾ ورهائڻ مشڪل آهي. هتي شڪار ڪندڙ ماڻهن، هرڻ، ناچڻين جا چٽ، ناچن جا چٽ، سرهه، گڊ، ڏاند وغيره جا چٽ اڪريل آهن. ڪي چٽ آئوٽ لائين ليڪي يا سطح تي ڪنهن تکي ڌار واري زوردار ڌڪن ذريعي چٽيا ويا آهن. ڪي گهڪي سان ڪي ٺونگن واري ٽيڪنڪ سان ته ڪي وري رهڙن ذريعي نڪتل آهن. ‘ڪتي نما چيتي شينهن’ جو چٽ پنهنجو ڌيان ڇڪائي ٿو. هن قسم جا چٽ رڳو نئن شانهر ۾ نه پر نئن سيتا، تيرٿ ڍوري ۽ ڏلهه ۾ به ملن ٿا، جتي سرهه جانور جو چٽ عام آهي. ڪي اهڙا چٽ به ملن ٿا، جيڪي ٽٻڪن وارا آهن، تن کي قديم ماڳن لورالائي ۽ موسيٰ خيل مان ملندڙ چٽن سان به ڀيٽي سگهجي ٿو. هتي ٻڌ ڌرم جي وهارن جا مختلف نموني جا چٽ به عام جام آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو